نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني معيشت جي سڀني شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي، مسئلن جي فوري حل ۽ سهولتڪاري جي ذريعي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. هن اهڙن خيالن جو ??ظهار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پنهنجي نيويارڪ جي دوري دوران آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي ڪائونسل جو ??در ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار ۽ آمريڪا جي ڪارپوريٽ انٽرپرائيزز جا سربراهه به موجود هئا. وزيراعظم پاڪ – آمريڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ج?? حوالي سان پاڪستاني معيشت جي سمورن شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. حڪومت ڪاروبار ۾ سهولتن جي فراهمي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪارپوريٽ ڌرين جي تجويزن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. شرڪت ڪندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کان متعارف ڪرائيندي وزيراعظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايس آءِ ايف سي هڪ اعليٰ سطحي ون ونڊو ايجنسي آهي جيڪا غيرملڪي سيڙپڪارن کي چئن اهم شعبن ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي ۾ منصوباسازي ۽ عملدرآمد ج?? حوالي سان سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي، مسئلن جي فوري حل ۽ سهولتڪاري جي ذريعي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، فن ٽيڪ، دواسازي، تيل ۽ گئس ۽ کاڻين جي کوٽائي سميت ٽيڪنالاجي سيڪٽر جي نشاندهي ڪئي ??تي آمريڪي ڪمپنيون حڪومت جي پاليسين مان فائدو کڻي سگهن ٿيون ۽ گڏيل طور تي لاڀائتا منصوبا شروع ڪري سگهن ٿيون. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪارن جي سينيئر نمائندن شڊرڪت ڪئي. جن ۾ سينيئر نائب صدر ۽ انٽرنيشنل يو ايس چيمبر آف ڪامرس جو ??ربراهه جان مرفي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايشيا، آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ايسپر انزا جيلاليان، ايڪسلريٽ انرجي جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اسٽيون ڪوبوس، پيپسي ڪو، ايڪسليريٽ انرجي، ٽي آر جي پاڪستان، ماسٽر ڪارڊ، پي اين ڊي جي، ايلومينا ۽ ايبٽ جا سينيئر نمائندا شامل هئا. آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ايسپر انزا جيلاليان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان آمريڪي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار جڳهه آهي ۽ ان حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪائونسل جي وفد جو پاڪستان جو ??ورو متوقع آهي ۽ ان دوري ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جا موقعا ملندا. بعد ۾ آمريڪي ڪاروباري ڪمپنين جي نمائندن وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وزيراعظ?? انهن جي مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا.