اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي م??املن واري وزارت چيو آهي ته موذي م??ضن ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج نه ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان پار??ن جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت ملڪ جي م??هبي م??املن واري وزارت کي حج 2025ع بابت ايڊوائيزري موڪلي آهي جنهن موجب موذي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج لاءِ روانو نه ٿي سگهندا. ??ار?? ڪيل حج ايڊوائيزري موجب موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي صرف صحتمند ماڻهن کي حج لاءِ سفر جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته گڙدن، دل، ڦڦڙن ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين سميت ٻين موذي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳورهارين عورتن کي حج لاءِ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. ترجمان موجب حج لاءِ گردن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمياتي انفلوئنزا ۽ پوليو ويڪسين لڳائڻ لازمي هوندي.