اسل??م آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڪليئرنس آپر??شن?? دوران جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان ۾ مختلف واقعن ۾ معصوم شهرين جي شهادتن تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگرد پوري قوم، ان??انيت ۽ ترقي جا دشمن آهن، انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. صدر چيو ته ??وم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي. صدر چيو ته پوري ??وم جي مدد سان دهشتگرد عنصرن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائينداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته ??وم شهيدن جي احسانمند رهندي، انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي بهادري ۽ قرباني جي جذبي کي ساراهيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.