ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار وارو وف??قي وزير ڄام ڪمال خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، امن امان ۽ سماجي ترقي جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم امن امان جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وف??قي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن صوبي جي وف??قي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ترقي جي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ سنجيده آهيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وف??قي حڪومت کي بلوچستان جي ترقي سان لڳاءُ ۽ عوام سان محبت آهي، صوبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. ملاقات ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نيڪ خواهشن ۽ صوبي جي ترقي جي پختي عزم تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلوچستان حڪومت عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته وقت کان وڌيڪ صحيح رخ جو تعين ضروري آهي، الحمدالله گورننس سان واڳيل معاملن کي ترتيبوار بهتري طرف وٺي وڃي ره??ا آهيون، صوبائي ڊيولپمينٽ پروگرام کي عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري ره??ا آهيون ۽ صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀ??رو 75 سيڪڙو منظور ٿيل ترقياتي منصوبا بجيٽ ??و حصو بڻايا و??ا آهن باقي 25 سيڪڙو منصوبن تي به تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس جي قيام ۽ سروس ڊيليوري جي نظام جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري ره??ا آهيون ۽ هر سطح تي موثر جوابدهي ۽ احتساب جي عمل کي فروغ ڏئي ره??ا آهيون. هن چيو ته صوبي ۾ جاري وف??قي ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل فنڊز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان مشروط آهي ان لاءِ اسان وف??قي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها وف??قي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي.