اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ت?? پاڪستان آئين موجب اقل??تن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي زندگي جي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار اقل??تن جي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اقل??تن جي حقن جو تحفظ منهنجي آئيني ذميواري آهي جنهن جو مون حلف کنيو آهي. هن چيو ته سرڪاري سطح تي اقل??تن جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبي اقليتي برادرين جي ماڻهن جي اڻٿڪ خدمتن جو اعتراف ڪرڻ آهي. قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقل??تن جي ڪردار کي ساراهيندي صدر چيو ته اقليت پاڪستان جا برابر جا شهري آهن، انهن کي به ترقي جو ايترو ئي حق آهي جيترو ٻين شهرين کي حاصل آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي ??هم??ت تي زور ڏيندي صدر چيو ته قائداعظم جي تعليم تي مڪمل عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي جنهن جو مقصد معاشري ۾ اتحاد، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ آهي. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، عالم سڳورن، مذهبي اڳواڻن، سفارتي ڪور جي ميمبرن، ميڊيا ۽ مختلف اقل??تن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڀارت جي موجوده صورتحال جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ”مودي جو ڀارت اقل??تن جي لاءِ غيرمحفوظ آهي“، قائداعظم جي بصرت آميز شخصيت پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ انهن حالتن جو اندازو لڳائي ڇڏيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ت?? پاڪستان جي عوام سدائين انسانيت جي ڏک ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي درد کي محسوس ڪيو ۽ هتي رهندڙ سمورن اقل??تن کي مناسب احترام ۽ مقام ڏنو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ جي مشهور صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ شعر به ٻڌايو. صدر اقل??تن جي لاءِ مختلف سرڪاري ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين جا موقعا وڌائڻ کانسواءِ موجوده نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. تحريڪ پاڪستان جي واقعن کي ياد ڪندي هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن تحريڪ پاڪستان ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. صدر غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جو ذڪر ڪندي چيو ته ظالماڻا ۽ انڌاڌنڌ حملا سمورن فلسطينين ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ اهي پيار، ڀائيچاري ۽ امن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان پيغام کي پوري دنيا ۾ ڦهلائڻ گهرجي. مختلف آئيني آرٽيڪلز جو حوالو ڏيندي هن چيو ت?? پاڪستان جي آئين جي شقن تحت اقل??تن کي انهن جي حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ اسلامي تعليم ۾ پڻ اهڙن حقن تي زور ڏنو ويو آ??ي. ??رچ بشپ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ڊاڪٽر جوزف ارشد، هندو برادري جي نمائندي هارون سرب ديال، سک برادري جي نمائندي سردار گرپال سنگهه، بهائي برادري جي نمائنده ڊاڪٽر سيما فرزاد ۽ قومي اسيمبلي ۽ پارسي برادري جي نمائندي اسفنديار ايم ڀانڊا پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو. انهن اقل??تن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ت?? پاڪستان ۾ رهندڙ اقليت زندگي جي سمورن شعبن ۾ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع جي پنهنجي تاريخي تقرير ۾ سمورن مذهبي اقل??تن جي لاءِ برابر حقن ۽ مذهبي آزادي جو عزم ڪيو هو. خطاب ڪندڙن قومي سطح تي اقل??تن جي ڏينهن کي ملهائڻ ۽ تازو ئي ڪرسچن ميرج ايڪٽ تي صدر پاران صحيحون ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.