اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ شيخ عبدالمتين چيو آهي، ته 5 آگسٽ کي پاڪستان ۾ حڪومتي سطح تي يوم استحصال طور ملهائڻ ۽ ڪش??يرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو آهي، هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪش??ير جي سنگين صورتحال ڏانهن ڇڪائڻ آهي. يوم استحصال جي موقعي تي اي پي پي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان طرفان يوم استحصال ملهائڻ ۽ ڪش??يرين سان ڀرپور طريقي سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جو شڪريو ادا ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان طرفان يوم استحصال ملهائڻ جو پيغام اهو آهي ته ڪش??يرين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي ۽ ڪش??يري خوداراديت واري حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ اڪيلا ناهن، پوري پاڪستاني قوم ڪش??يرين سان گڏ آهي. شيخ عبدالمتين چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪلز 35 (اي) ۽ 370 کي ختم ڪيو، ڪش??يري خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ڀارت طرفان انهن آرٽيڪلز کي ختم ڪرڻ پٺيان جيڪي ناڪام ارادا آهن انهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪش??ير جي ڊيمو گرافي کي تبديل ڪرڻ آهي. انهي لاءِ ڀارت غير رياستي رهواسين کي لکين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ غير رياستي رهواسين کي والاريل علائقي ۾ آباد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪش??يرين کي انهن جي ملڪيتن مان به بيدخل ڪيو پيو وڃي. حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ چيو ته اسان 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، ڪش??يرين جو آواز خوداراديت واري حق جو آواز آهي، جنهن لاءِ ڪش??يري لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن سڄي دنيا کي اپيل ڪئي ته هو ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. شيخ عبدالمتين چيو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت ع??لم بٽ سميت وڏي تعداد ۾ ڪش??يري اڳواڻ ۽ بيگناهه شهري جيلن ۾ قيد آهن، ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪش??ير بابت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جون ٻه رپورٽون 2018 ۽ 2019ع ۾ شايع ٿيون هيون جن ۾ چيو ويو هو ته والاريل ڪش??ير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جون پائماليون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪش??يرين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي. ڪش??ير بابت گڏيل قومن جا ٺهراءَ موجود آهن، ان لاءِ ڪش??يرين جو اهو حق آهي ته هو پنهنجي جدوجهد جاري رکن. حريت اڳواڻ چيو ته ڀارت ڪش??يرين جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جو تمام گهڻو استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪش??ير تي 10 لک کان وڌيڪ فوجي قابض آهن جن کي ڪاري قانون تحت کُلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هو ڪنهن کي به قتل ۽ نقصان پهچائي سگهن ٿا پ?? هو ڪنهن عدالت ۾ جوابده ناهن، ان ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڪش??يري لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. شيخ عبدالمتين چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪش??يرين کي خوداراديت وارو حق ملندو، ڀارت کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪش??يري پنهنجي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندا.