اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سمور??ن پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئي آهي ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير جي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي ا??يمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال مڪمل ٿي ويندا ان ڏينهن هر سال وانگر هن سال به يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو ??علان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمور??ن پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل آهي ته جيئن اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي ا??ان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي ويندي.