اسل??م آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پنجين ”استحصال ڏهاڙي“ جي سلسلي ۾ اسل??م آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن عالمي قانون، انساني حقن ۽ امن ۽ سلامتي جي موقف کان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني قدمن جي سنگين نتيجن بابت سفارتڪارن کي بريفنگ ڏني.