اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، هن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سلطنت عمان جي ??فير فهد سليمان خلف الخروسي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم مسقط جي ??لعي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي ابن ابوطالب تي ٿيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي ??ديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چار پاڪستاني شهرين سميت 6 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان اٽڪل سمورا پاڪستاني هئا. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي ميتن جي وطن واپسي ۽ زخمين جي ??لاج جي لاءِ عمان پاران فوري قدمن ۽ پاڪستاني سفارتخاني سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عمان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??عاون جي ??ڇ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته سلطان سان عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر جي موقعي تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پنهنجي ??ڳ ۾ ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن پاڪستان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ وفد کي ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ??رغيب ڏيڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته لاڳاپيل عملدار گڏيل طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفد کي مڪمل تعاون فراهم ڪندا. عمان جي ??فير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ عمان جي ??لطان پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي ملڪ جي پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??واهش جو ورجاءُ ڪيو.