اسلام آباد – 28 – جون (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهزاده منصور بن سعود بن عبدالعزيز جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪن??ي سعودي شاهي خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته شهزاده منصور بن سعود بن عبدالعزيز جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي گهرو ڏک ٿيو. حرمين شريفين ج?? نگران شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان، شهزاده منصور بن سعود بن عبدالعزيز ۽ شاهي خاندان سان دلي تعزيت ڪريا?? ٿو. هن مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي.