اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي مزدور، آبادگار ۽ پگهاردار طبقي جي ريليف جي لاءِ قدم کڻنداسين، اسان ملڪ ??ي معاشي مشڪلاتن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي استحڪام طرف گامزن ڪيو ۽ پنهنجي سياست کي قربان ڪري معيشت کي بچايو، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، ڀائر ملڪن ۽ سيڙپڪارن جو حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ۽ وڌندڙ پرڏيهي سيڙپڪاري حڪومتي ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزي??اع??م پارلياماني پارٽي کي بجيٽ جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. وزي??اع??م چيو ته ملڪ ??ي معاشي مشڪلاتن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي استحڪام طرف گامزن ڪيو، تاريخ گواهه آهي ته اسان پنهنجي سياست کي قربان ڪري پاڪستان جي معيشت کي بچايو، الله رب العزت جي مدد ۽ ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ اسان هن ملڪ کي ڏيوالپڻي ٿيڻ کان بچايو ۽ هن ملڪ کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جو خواب ڏسندڙن جون سازشون اڌوريون رهجي ويون. هن چيو ته سازشي ٽولي هن ملڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وڌو، هن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن جي بي حرمتي ڪئي. وزي??اع??م چيو ته هو سالن ک??ن عملي سياست ۾ آهي پر اهڙي انتشار سان ڀرپور سياست پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي. وزي??اع??م چيو ته الله رب العزت مون کي ٻيو ڀيرو خادم پاڪستان جي ذميواري ڏني ته قوم جي مشڪلاتن جي ازالي جو وچن ڪيو، مون کي اميد آهي ته منهنجي ڪوششون ۽ محنت توهان سڀني ۽ عوام جي اميدن تي پوريون لهي رهيون هونديون. وزي??اع??م چيو ته ڀائر ملڪن ۽ سيڙپڪارن جو حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ غيرملڪي سيڙپڪاري حڪومتي ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ جيتري قدر ٿي سگهيو، عام ماڻهو کي ريليف ڏينداسين. وزي??اع??م چيو ته هن ملڪ جي مزدور، آبادگار ۽ پگهاردار طبقي جي ريليف جي لاءِ قدم کڻنداسين. وزي??اع??م اتحادي پارٽين ۽ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن پاران اعتماد جي اظهار تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت جي پاليسين جي عام ماڻهو ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ڀرپور حمايت تي انهن جو دل سان ٿورائتو آهيان. وزي??اع??م پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي تاڪيد ڪئي ته اهي بجيٽ اجلاس ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪن، بجيٽ جي حوالي سان ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جو موثر ۽ مدلل جواب ڏين. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، قوم کي بنيادي صحت، اعليٰ تعليم ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. هن چيو ته هن ملڪ جي باصلاحيت افرادي قوت کي روزگار جي فراهمي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، نوجوانن جي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته عورتن کي بااختيار ۽ انهن کي باعزت روزگار جي فراهمي جي لاءِ محنت ڪرڻي آهي. وزي??اع??م چيو ته هو سڄي دنيا ۾ جتي به ويو قرض بدران سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي پر سيڙپڪاري اتي ئي ايندي آهي جتي امن ۽ سياسي استحڪام هجي. وزي??اع??م چيو ته باوقار قومون محنت، لگن ۽ حوصلي سان پنهنجي تقدير بدلائينديون آهن، چين ۽ باقي ترقي يافته ملڪن ک??ن سکندي اسان کي پاڪستان جي معروضي حالتن جي ڏس ۾ پنهنجو شاندار مستقبل پاڻ ٺاهڻو آهي. وزي??اع??م چيو ته اسان جي ٽيم جي ڪوششن جي ڪري مهانگائي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم ٿيو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ميمبرن کي بجيٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ميمبرن وزي??اع??م جي قيادت ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم پاران تيار ڪيل بجيٽ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي.