اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪڻڪ جي مناسب قيمت، وقت سر قدمن ۽ خريداري جو عمل هموار بڻائڻ ضروري آهي، آبادگارن جي حوصلا افزائي سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسب قيمت، بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري سان لاڳاپيل م??ام??ن تي اجلاس ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزارت ۽ پاسڪو جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آبادگارن جي مفادن جي تحفظ جي ل??ءِ قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ رهي ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسبقيمت جي فراهمي سان ڳوٺاڻي معيشت کي فروغ ??لندو. هن چيو ته غذائي تحفظ، مستقبل جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻا پوندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي جديد سهولتن جي تعمير جي ل??ءِ نجي شعبي کي آسان قرض ڏنا وڃن، وقت سر پاليسي قدمن، مستقبل جي ضرورتن جي صحيح اڳڪٿي جي ل??ءِ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي دستيابي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صدر پ??را?? زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز پن پيش ڪئي وئي.