تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران پهتو. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزي??اع??م پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراه?? جوڳي ڪردار کي اجا??ر ڪيو. وزي??اع??م صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدم?? جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيس?? جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزي??اع??م قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهت?? جو اظهار ڪيو. هن اسلامي جمهوريه ايران جي حڪو??ت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.