اسلام آباد – 22 – ??پريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اير??ن جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ايراني شاعرن جي پاڪستان جي حوالي سان فارشي شعر پڻ پڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب ايراني صد?? جي پاڪستان جي دوري تي فارسي زبان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته چشمِ ماه روشن دلِ ماشاد، توهان کي ڏسي اس??ن جون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ دل خوش ٿي. وزيراعظم ايراني صدر کي علامه تقي بها?? جي پاڪستان بابت فارسي ۾ ڪلام ”درود بر پاڪستان“ پڻ پڙهي ٻڌايو. ”هميشه لطف خداباد يارِ پاڪستان، به ڪين مباد فلڪ باديارِ پاڪستان“ پاڪستان تي الله جو سدائين فضل ۽ ڪرم جاري رهي ۽ آسمان پاڪستان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿئي. وزيراعظم ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ فارسيءَ ۾ شعر پڻ پڙهيو جنهن ۾ ??ن جي پاڪستان جي دوري جي ڀرپور آجيان ۽ کيس بار بار پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه تي شرڪت ڪندڙن جي چهرن تي مسڪراٽ اچي وئي. ايراني صدر ۽ وفد وزيراعظم جي فارسي زبان تي عبور ڏسي خوشگوار حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ ش??ر ٻڌي شرڪت ڪندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي سگهيا.