اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙ?? ۽ ??يدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس جي رول 15 اي تحت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي ج?? لاڳو قتل، جاسوس?? ۽ ??ياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي نه ٿيندو. اهڙي طرح سزائن ۾ گهٽتائي ج?? لاڳو زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين کانسواءِ مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه ٿيندو. غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي به سزائن ۾ گهٽتائي ج?? فيصلو لاڳو نه ٿيندو. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا اهڙا مرد قيدي ج??ڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي ج??ڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو هو??دي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هو??دي.