اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئٽزرلينڊ جي صدر کي قائدا??ظم جي ڀاءُ بابت دستا??يز تحفي ۾ ڏيڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ هن سوئٽزرلينڊ جي صدر کي خ?? ۾ ??حمد علي جناح جي زندگي بابت دستاويزن جي ڪاپي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي خط ۾ چيو ??ه احمد علي جناح جي زندگي جا تفصيل، تصويرون ۽ تاريخ جو مجموعو زيورخ سٽي آرڪائيوز جي ملڪيت ۾ آهي، قائدا??ظم محمد علي جناح جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت جي ڏس ۾ دستاويزن تائين پهچ پاڪستاني عوام جي لاءِ قومي ??هميت رکندڙ آهي. خ?? ۾ ??ندس چوڻ هو ته خاتون اول ثمينه علوي جنوري 2024ع ۾ زيورخ آرڪائيوز جو دورو ڪيو، خاتون دستا??يز پڙهڻ کانپوءِ معاملي ۾ دلچسپي ورتي. سوئٽزرلينڊ کي درخواست آهي ته دستاويزن جو مجموعو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان کي تحفي طور فراهم ڪيو وڃي.