اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان ج?? اظهار ڪندي ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر معاملن تي گڏيل مصروفيتن ج?? ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان ج?? نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير علي صبري جي وچ ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ غيروابسته تحريڪ (نام) جي سرب??اه?? اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان ج?? سريلنڪا سان گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٻطر??ن مضبوط لاڳاپن تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو. هن ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر معاملن تي گڏيل مصروفيتن ج?? ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.