اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ لاڳاپي?? عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ا??جد ثاقب، غربت جي خاتمي واري وزارت جي سيڪريٽري يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پروگرام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال پروگرام جي ڪل بجيٽ 471 ارب رپيا آهي. نگران وزيراعظم بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي پروگرام جي ڪارڪردگي کي س??را??يو. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جا نتيجا انتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگران وزيراعظم لاڳاپي?? عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپي?? عملدارن کي هدايت ڪئي ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپي?? عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. نگران وزيراعظم چيو ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جا حصيدار بڻجن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام مقامي خيراتي ۽ فلاحي تنظيمن سان پارٽنرشپ ڪري. نگران وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر ممڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.