لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ٻڌايو ويو آهي ته شاهدره اماميه ڪالوني فلائي او??ر جو 70 س??ڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ اهو ??نصوبو ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ تعمير هيٺ اماميه ڪالوني شاهدره فلائي او??ر جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ان منصوبي جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لاهور فيصل آباد ريلوي لائين جي مٿان اماميه فلائي اوور ٺاهيو پيو وڃي، شاهدره اماميه ڪالوني فلائي او??ر جو 70 س??ڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته اماميه ڪالوني شاهدره فلائي اوور 18 مهينن جو پراجيڪٽ هو جيڪو پنجاب حڪومت جي تعاون سان ساڍي 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، ڊسمبر 2023ع تائين اهو ??نصوبو مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي بهتر اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪومت کي ساراهيو.