اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غي??قا??وني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن ۽ عالمي قانونن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن، آبادياتي تبديلي آڻڻ ۽ تڪراري علائقي تي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ جي ڪوششن جو مقصد ڪشميري عوام کي پنهنجي ??ستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جي جمهوري حق کي نقصان پهچائڻ آهي، اڄ جي ڏينهن آئون ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ج?? جدوجهد ۾ انهن جي ??ثالي جرئت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ڪشميري عوام ڀارتي فوج جي زيادتين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي انهن جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 27 آڪٽوبر 2023ع تي ڪاري ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميري عوام جي ??اءِ ڪاري ترين ڏينهن مان هڪ آهي. ڄمون ۽ ڪشمير تي ان ڏينهن کان شروع ٿيندڙ ڀارتي قبضي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي ڪشميرين جي جائز خواهشن جو گلو دٻايو. هن چيو ته گذريل 76 سالن دوران ڀارت نه رڳو ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام طرف پنهنجي ذميوارين کان انحراف ڪيو پر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جي خلاف ورزي ڪري گهڻ رخي کي به نظرانداز ڪيو. غي??قا??وني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اڻهن ان ڊگهي عرصي دوران تمام گهڻو ظلم ۽ ڏاڍ برداشت ڪئي آهي. جڏهن ته ڀارت ڪشميرين جي بنيادي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي عزم کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اڄ ڪشميري عوام کي مختلف پابنديون درپيش آهن. ڪشميرين جي ??يادت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جو آواز دٻايو پيو وڃي. جڏهن ته انساني ??قن جون مسلسل خلاف ورزيون ڪشميرين جي ??نصفاڻ?? جدوجهد کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. عالمي برادري ۽ ميڊيا کي معصوم ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ انساني ??قن جي خلاف ورزين تي ڀارت جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي موقعن تي ان ڳالهه تي زور ڏيندو آيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو دارومدار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??رامن حل تي آهي. ڀارت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هو طاقت جي استعمال سان ڪشميرين جي آزاد?? جدوجهد کي نٿو دٻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان 1947ع ۾ ڀارتي قبضي جي شروعات کان ئي مظلوم ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي ??ستقل حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب تڪرار جي حتمي حل تائين پنهنجي حمايت جاري رکندو.