اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعيلمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي سفر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحي??ن کي پوري طرح سان ??کارڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سجاد ۽ رهوڊز ٽرسٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پا??ستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، پا??ستاني يونيورسٽين کي ناليوارين يونيورسٽين خاص طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽي سان ??اڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رهوڊز ٽرسٽ پاران ??اڪستان ??ائم ٿيڻ کان ??اڪستاني شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽرسٽ پاران ??اڪستاني شاگردن کي انهن جي تعليمي سفر ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪ??ڻ ساراهه جوڳي آهي. صدر چيو ته تعليمي سفر ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحي??ن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملندي. رهوڊز ٽرسٽ جي سي اي او صدر کي تعليمي شعبي ۽ پا??ستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرسٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته پا??ستاني يونيورسٽين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سياست، قانون، سائنس، فنون لطيفه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پا??ستاني رهوڊز اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سجاد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج بابر ستار ۽ شاهد جاويد برڪي سميت ناليواريون پا??ستاني شخصيتون رهوڊز اسڪالرشپ مان ??ائدو کڻي چڪيون آهن.