اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاني خيل خ??دڪش حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آ??ي. ??يوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 21 آگسٽ تي بنون ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار صنوبر علي، حوالدار آفتاب احمد ۽ حوالدار محمد عارف جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن حوالدار محمد عمران، سپاهي احمد علي، سپاهي محمد حسيب اڪبر جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي سپاهي ذيشان ن??اڪت، عبدالرشيد ۽ وارث علي جي پونئيرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن کي سلام پيش ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪ??ي. هن شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪ??ي.