اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آه?? ته بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جي متاثرين کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو ويو، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، نگران حڪومت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آه??، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا گهربل آه??، سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چونڊ مهم جي لاءِ به ڏيڻا آه??، چونڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سي اين اين انٽرنيشنل“ سان ڳالهائيندي ڪيو. چيئر لفٽ واقعي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ت?? چيئر لفٽ واقعو خيبرپختونخواهه جي ڏورانهين علائقي بٽگرام ۾ پيش آيو جتي ريسڪيو جي ڪوششن ۾ ڪافي مشڪلاتون هيون. هن ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا کي جڏهن واقعي جي اطلاع ملي ته ان صوبائي ۽ وفاقي اٿارٽيز سان رابطو ڪيو، آرمي ايوي ايشن، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان آرمي جي اسپيشل سروس گروپ جي جوانن ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ڪاميابي سان ريسڪيو آپريشن کي ڪامياب بڻايو ۽ سمورن متاثرين کي حفاظت سان هيٺ لاٿو. هن چي?? ته صوبائي حڪومت سمورين چيئر لفٽس جي تفصيلي معائني جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آه??، علائقي ۾ سمورين چيئر لفٽس جو معائنو ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿئي. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته هي علائقو 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ سان شديد متاثر ٿيو، هتي انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو هو، توهان سمجهي سگهو ٿا ته موسمياتي تبديلي ڪهڙي طرح هن علائقي کي متاثر ڪيو. چونڊون منعقد ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آئيني ادارو آه?? جيڪو چونڊون منعقد ڪرڻ جو ذميوار آه??، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا گهربل آه??، ان کانسواءِ سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چونڊ مهم جي لاءِ ڏيڻا هوندا آه?? ان لاءِ چونڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. هن چي?? ته نگران حڪومت هڪ هفتو اڳ ئي چارج سنڀالي آه??، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آه?? جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي پنهنجو ٽائيم ٽيبل جاري ڪري ڇڏيو آه??. هن چي?? ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، ان ۾ نگران حڪومت جو ڪو ڪردار نه آه??.