اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيث??ت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آهن، ان ??قت کان ??ٺي هيستائين ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ جي لا??ِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيث??ت کي تبديل ڪرڻ جي لا??ِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لا??ِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آبادي کي راءِ جي حق کان ??حروم ڪرڻ جي ڪڌي ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته ان ??قصد جي لا??ِ ڀارتي عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئي آهي، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ موجوده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لا??ِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو جز آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاران ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري رکيو آهي. ان ??سئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قابض آهي ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آهن. انهن سمورن عملن جي باوجود ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي آزادي جي لا??ِ منصفاڻي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آزادي جي لا??ِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان جي باوجود اڄ به ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن بهادر ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهن کي ڀارتي قبضي کان آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان ??نهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها ناڪامي ڀارت جي هڪ ذميوار ميمبر رياست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار هن پوري خطي جي لا??ِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي جائز ۽ منصفاڻي مقصد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ??اعدو آهي ته اسان انهن جو آواز هر فورم تي ان ??قت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان ??سئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته ڀارت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير ت?? 5 ??گسٽ 2019ع کان ??يستائين هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ جي لا??ِ زور ڏنو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي.