اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي جي ??عبي جي ??رقي ۽ باصلاحيت نوجوانن جي ??وصلا افزائي جي لاءِ پاليسي فريم ٺاهڻ ??ي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ??رورت آهي، جيڪڏهن و??يل?? فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا هوشيار نوجوان دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد پيشيواراڻي سيڙپڪاري ۽ نيشنل انوويشن ايوارڊز (قومي اختراعي ايوارڊز) جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل مصنوعات کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، نوجوانن زراعت جي ??رقي جي لاءِ ڊرونز ٺاهيا آهن، ڪيلي جي ڇلڪي کي پڻ استعمال ۾ آڻي مصنوعات ٺاهيون آهن، ان کانسواءِ پاڪ فوج کي اوزارن جي فراهمي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، نوجوانن جي قابليت کي ماضي ۾ استعمال ۾ آندو وڃي ها ته تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ٿين ها، نوجوانن پنهنجي قابليت ۽ هنر جي ??نياد تي ايوارڊ کٽيا آهن، ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي ??اوجود هنر سکيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي، اسان کي ڏورانهن علائقن ۾ موجود ڳُجهي ٽيلينٽ کي ڳولڻ ۽ انهن کي تربيت ڏيڻي آهي، آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ??رورت آهي، جيڪڏهن و??يل?? فراهم ڪيا وڃن ته نوجوان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي ??لاحيتن کي 10، 15 سال اڳ نکاريو وڃي ها ته انهن جي ??لاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهجيو پئي، 10 – 2009ع ۾ اسان لاهور ۾ ارفع ٽاور ۾ پهريون انڪوبيشن سينٽر قائم ڪيو ۽ پهرين آءِ ٽي يونيورسٽي ٺاهي، قوم جي ??رقي ۽ خوشحالي ۽ نوجوانن جي ??لاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ 5 نه 50 ارب رپيا گڏ ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اسان کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آهن پر ان جي ??اوجود اسان بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي ??عبي جي لاءِ وڏا فنڊز رکيا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي چئني ڪنڊن ۾ اسان جو ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي ان مان فائدو کڻڻو آهي، حڪومت جو فرض آهي ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ نوجوانن جي ??ربيت، صلاحيت ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ جيترا به و??يل?? فراهم ڪري سگهي ٿي، ڪري، انڊومنٽ فنڊ جي ??مدني سان نوجوانن جي ??لاحيت وڌائڻ جي ??رورت آهي، نوجوانن ۽ قوم جي ??رقي جي لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، نوجوانن جي ??وصلا افزائي، تربيت ۽ رهنمائي جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي ??يڪا نوجوانن جي ??لاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ ڪ?? ڪري، ان جي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو ٺاهڻ ??ي ضرورت آهي، اهڙو پاليسي فريم ورڪ ٺاهيو وڃي جنهن کي ڪابينا مان منظور ڪرايو ويندو ۽ عبوري حڪومت تي لازمي هوندو ته اها ان تي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم جاري رکي ۽ پوءِ اڳتي جيڪا به حڪومت اچي اها ان حوالي سان نوجوانن جي ??لاحيتون نکارڻ جي پاليسي کي اڳتي وڌائي ۽ انهن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪري. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ايندڙ 5، 7 سالن ۾ نوجوانن کي و??يل?? فراهم ڪيا ته اهي اربين ڊالر ملڪ جي لاءِ ڪ??ائي ايندا. وزيراعظم چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، فيصلو ڪريو ته فري لانسرز جي لاءِ وينچر ڪيپيٽل، توانائيون ۽ ڀرپور و??يل?? فراهم ڪيا ويندا. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ماين الحق چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان وزيراعظم جو ويزن آهي، فري لانسرز جي مدد ۽ حمايت ڪئي ويندي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رابطي کي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ڪ?? ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي ??ءِ ٽي جي فروغ لاءِ ڪ?? ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون صارفين جو انگ 19 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن جو انگ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه چيو ته آءِ ٽي جي ??عبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پروگرام جو مقصد نوجوانن جي ??ئيڊياز کي متعارف ڪرائي قابل عمل بڻائڻ آهي، انڊوومنٽ فنڊ به موجوده حڪومت جو هڪ تمام وڏو ڪارنامو آهي، ڪوشش آهي ته آءِ ٽي جي ??عبي ۾ به نجي ??يڙپڪاري اچي، نوجوانن جي ملڪي ۽ عالمي سطح تي حوصلا افزائي ڪئي ويندي رهندي، حڪومتي قدمن سان مستقبل ۾ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي. ان کان اڳ وزيراعظم مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسٽالز تي موجود نمائنده وزيراعظم کي پنهنجي مصنوعات بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم باصلاحيت نوجوانن جي مها??ت تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ۽ تقريب جي ??رڪت ڪندڙن تاڙيون وڄائي نوشڪي جي هوشيار شاگردياڻي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ به اسان جو لڪل ٽيلينٽ موجود آهي ۽ ٽيلينٽ بابت ڄاڻي منهنجي ??ل تمام گهڻي خوش ٿي آهي. وزيراعظم 10 ڪامياب نوجوانن ۾ نيشنل انوويشن ايوارڊز ورهايا.