اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته ڪو به مذهب، معاشر?? اظهار جي آزادي جي نالي تي مقدس هستين، علامتن ۽ آسماني ڪتابن جي بي ??رم??ي جي اجازت نه ٿو ڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قرآن پاڪ، تورات ۽ انجيل جي بي ??رم??ي جي اجازت ڏيڻ ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي، جنهن جو واحد مقصد عالمي امن کي خطرن ۾ وجهڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي ۽ مهذب دنيا کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي اڳتي اچن ۽ مقدس ڪتابن جي بي ??رم??ي جهڙي مڪروهه عمل کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته اهڙن روين کي روڪڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مذهبي نفرت کي هوا ڏين ٿا، تشدد کي فروغ ڏين ٿا ۽ دهشتگردي ۽ عسڪريت پس??دي جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شيطاني ڪردارن کي امن، رواداري ۽ اجتماعيت جي اسان جي گڏيل قدرن کي ڪمزور ڪرڻ نه ڏيڻ گهرجي.