لاهور – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف سان ريلوي ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ وزارت بابت معاملن ۽ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي ايئرپورٽس جي بهتر سروسز جي فراهمي لاءِ آٽ سورنگ ۽ پي آءِ اي ۾ سڌارن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪ??و. هن نيشنل ايوي ايشن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ايم ايل ون جي منصوبي تي پاڪ چائنه جاري سهڪار تي پڻ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.