اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذرب??ئي??ان جي صدر ال??ام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذرب??ئي??ان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذرب??ئي??ان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير ال??ور مامادوف، پاڪستان ۾ آذرب??ئي??ان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذرب??ئي??ان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذرب??ئي??ان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذرب??ئي??ان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آذرب??ئي??ان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر ال??ام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذرب??ئي??ان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49