اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪنگ سلمان رليف سينٽر طر??ا عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 1700 رڍن جي قرباني جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته حقدار ۽ متاثر ماڻهن ۾ عيد جي ڏي??هن قربانيءَ جو گوشت ورهايو ويو. سعودي عرب جي سفارتخاني طر??ان جاري بيان مطابق هن پروگرام تحت ڪي پي ڪي جي 6 ضلعن نوشهره، ڊي آءِ خان، سوات، دير اپر، ڪوهستا??، مردان ۽ چارسده ۾ قربانيءَ جو گوشت ورهايو ويو. هي پروگرام نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، مقامي حڪومت ۽ مقامي اين جي اوز جي تعاون سان ڪيو پيو وڃي، ج??هن سان پاڪستان ۾ 79331 کان وڌيڪ ماڻهو مستفيد ٿيندا.