اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوري??ن کي فوتي ملازم جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن فوت ٿيل ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئيڪج تحت مقرر ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر رضوان الله (شڪايت ڪندڙ) پاران داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي. هن چيو ته ايجنسي هڪ ٻئي فوتي ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت نوڪري ڏئي چڪي آهي، ٻئي ملازم جو لاڏاڻو 2012ع ۾ اداري پاران پاليسي اختي??ر ڪرڻ کان اڳ ٿيو، ڪارپوريشن شڪايت ڪندڙ سان هڪ جهڙي سلوڪ کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته رضوان الله جو والد (بختاور شاهه) ڪارپوريشن جو ملازم هو، سروس دوران 2009ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شڪايت ڪندڙ فوتي ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ درخواست ڏني، پر ڪو فائدو نه ٿيو. شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن شڪايت کي رد ڪري ڇڏيو. محتسب رد ٿيل فيصلي ۾ چيو ته والد جو لاڏاڻو 2009ع ۾ ٿيو، پئڪيج کي اداري پاران 2012ع ۾ اختي??ر ڪيو ويو، ان لاءِ پاليسي شڪايت ڪندڙ تي لاڳو نه ٿي ٿئي. بعد ۾ رضوان الله صدر کي محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن کي قبول ڪيو ويو. صدر فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وزيراعظم جو امدادي پئڪيج 2006ع ۾ اسٽ??بل??مينٽ ڊويزن جي او ايم جي ذريعي جاري ڪيو ويو، 2006ع کانپوءِ وقت بوقت امدادي پئڪيج ۾ ترميمون ڪيون ويون. صدر چيو ته اداري جولاءِ 2012ع کان پئڪيج کي اختي??ر ڪيو پر واضح نه آهي ته 2006ع جو پئڪيج اختي??ر ڪيو يا ڪو ٻيو پئڪيج اختي??ر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽ??بل??مينٽ ڊويزن موجب سرڪاري ملازمن جا ٻار سول پوسٽن تي شروعاتي مقرري جي لاءِ عمر جي حد موجب ڪانٽريڪٽ نوڪري جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، وفاقي محتسب معاملي جي اهم رخن کي نظرانداز ڪيو، حڪمن کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن شڪايت ڪندڙ جي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت مقرري جي لاءِ جلد کان جلد ڪارروائي ڪري.