اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي ش??ول??ت لا??ِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪست??ن جو آئين س??ورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي، پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لا??ِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽرينز جي 18 رڪني و??د سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ عورت پارليامينٽرينز جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتون پاڪست??ن جي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، قانونسازي ۾ عورتن جي ش??ول??ت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي ش??ول??ت لا??ِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جو آئين س??ورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي. پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لا??ِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لا??ِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونسازي پڻ شامل هئي.