اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪ??يٽ??ي سردار ا??مد نواز سکيرا ۽ صدر جي پريس سيڪ??يٽ??ي قمر بشير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صدر عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪ??يٽ??ي جي پاڪستان حڪومت ??ي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي مستقبل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر عهدو ڇڏيندڙ صدر جي پريس سيڪ??يٽ??ي جي حيثيت قمر بشير ??ي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سردار ا??مد نواز سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو هڪ آفيسر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ڪيبنيٽ سيڪ??يٽ??ي طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪ??يٽ??ي، اطلاعات ۽ نشريات، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي عهدي تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت ا??مد نواز سکيرا ??ي خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اعزاز سان نوازيو. قمر بشير انفارميشن گروپ جو آفيسر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پريس سيڪ??يٽ??ي طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪ??يٽ??ي ۽ پيرس، فرانس ۾ پاڪستان جي پريس قونصلر جي عهدي تي فائز رهيو.