اسلام آب??د – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڪر پرسن شفا يوسفزئي جي گهر هٿياربند ماڻهن جي زبردستي داخل ٿيڻ ۽ ملازمن تي تشدد جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آب??د کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته واقعي جي شديد مذمت ڪر??ون ٿا، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ذميواري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جو??بدارن جو سراغ لڳائي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم اينڪر پرسن شفا يوسفزئي ۽ سندس والدين سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.