اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) ??اڪ??تان برطانيا پاران باضابطا طور تي ??اڪ??تان ??ي ”هائي رسڪ ٿرڊ ڪنٽريز“ جي فهرست مان ??ڍڻ جي قدم جي آجيان ??ند?? ان ??ي هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قدم 21 آڪٽوبر تي فنانشل ٽاسڪ فورس جي فيصلي موجب کنيو ويو آهي. ترجمان ??يو ته برطانيا جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت جي ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??اڪ??تان پاران ??يل اڳڀرائي کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان برطانيا جي ان قدم جي آجيان ??ريون ٿا، اميد آهي ته ٻيا ملڪ به ان ??س ۾ ??اڪ??تان جي ڪوششن کي تسليم ڪنداسين. ترجمان ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ??ند?? چيو ته ??اڪ??تان دنيا کي اهو ياد ڏيارڻ چاهي ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد ۽ پائيدار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي انعقاد ۾ مضمر آهي، ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين پائمالين سميت هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي مسلمانن جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪارروائي ۽ حربن کان روڪي، ڀارتي حڪومت کي فوري طور تي انهن سمورن قدمن کي ڪالعدم ڪرڻو پوندو جن جو مقصد ڪشميري عوام جي جمهوري اڪثريت ۽ ان جي نسلي سڃاڻپ کي ک سڻ آهي. ترجمان ??يو ته ??اڪ??تان ??شميرين جي وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رک??دو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته ڀارتي ميڊيا پاران نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل سان منسوب بيان جي غلط تشريح ڀارت کي پنهنجي غيرذميواراڻي ائٽمي رويي کان بري الذمه قرار ڏيڻ جي هڪ مڪروهه ڪوشش آهي، ??اڪ??تان جي سرزمين تي ائٽمي صلاحيت رک??دڙ براهموس ميزائيل فائر ڪرڻ جي واقعي هڪ ائٽمي رياست جي طور تي ڀارت جي طرزعمل بابت ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجندو رهڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته 2021ع جي داسو دهشتگرد حملي ڪيس جي فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??اڪ??تان جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر متاثرين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، ??اڪ??تان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته دشمن قوتون پاڪ چين گهڻ رخي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.