ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توان??ئي?? دفاع، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي آذرب??ئي??ان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي سان گڏوگڏ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ دل کولي مالي امداد جي فراهمي تي آذرب??ئي??ان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش هي قدرتي آفت ماحولياتي تبديلين جي ڪري آهي، هن عالمي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري فوري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ت??ريخ، عقيدي ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم نگورنو ڪاراباخ تي پاڪستان پاران آذرب??ئي??ان جي اصولي حمايت کي ورجائيندي ان جي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آرمينيا جي اشتعال انگيز حملي ۾ 70 آذري فوجين جي تازي شهادت تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عالمي قانون موجب ۽ ان جي علائقائي سالميت جي ت??فظ ۾ آذرب??ئي??ان جي پن??نجي دفاع جي حق جي حمايت کي ورجايو. پن??نجي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، توان??ئي?? دفاع، تعليم ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صلاحيت کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آذرب??ئي??ان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. صدر الهام عليوف وزيراعظم کي جلد آذرب??ئي??ان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.