راولپنڊي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??ربراهه جنرل قمر جاويد باجوه خميس ڏينهن ڊي آءِ خان ۽ روجهان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، آرمي چيف متاثرن کي خاطري ڪرائي ته مشڪل جي هن وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مدد ڪندي ??هندي. آءِ ايس پي آر مطابق روجهان دوري جي موقعي تي آرمي چيف پاڪ فوج جي ??ميني جٿن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجون ذميواريون عظيم مقصد سمجهي ادا ڪن ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. بعد ۾ آرمي چيف ڊي آءِ خان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي ??رمي چيف کين تسلي ڏني ۽ هن قدرتي آفت دوران مقامي رهائيشن جي همت جي ??عريف ڪئي. آرمي چيف، ايف سي ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي ??ٿن کي هدايتون ڪيون ته هو ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ خيبرپختونخواهه جي ??هادر ماڻهن جي وقت سر مدد کي يقيني بنائين.