اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪندي متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن جو ??يسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثرين کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. متاثرين کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ملڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي ??ڻ هدايت ڪئي.