ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور احمد پلال چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي جو حق کسي انه?? جو استحصال ڪيو ويو، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ ا??تحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ ڀارت?? حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين جي آزادي کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پاڪستاني ڪشميري?? جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آزادي جو آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان ع??م جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيندو.