اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي اد??رن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، ان جي هر گز اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئن سالن جي حڪومت جي دور ۾ جعلي ٽوئيٽر هينڊلرز، يوٽيوبرز ۽ بلاگزر جي ذريعي رياستي اد??رن جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جا تفصيل جلد ئي ايوان ۾ پيش ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اط??اعات ۽ نشريات وري وزير مريم اورنگزيب چيو ته 2004ع کان بجلي جي بلن ۾ پي ٽي وي لائسنس فيس وصول ڪئي پئي وڃي، اهو سڄو عمل وڏي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو ويندو آهي، پيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ 18 -2017ع کان 22 -2021ع گذريل 5 سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 94 ڪروڙ 35 لک 39 هزار 147 روپيا بجلي جي بلن جي ذريعي ٽي وي لائسنس فيس جي مُد ۾ وصول ڪيا ويا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اط??اعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته جڏهن به اخلاقيات جي ابتڙ ڪو اشتهار هلندو آهي ??ه پيمرا سيڪشن 27 تحت نوٽيس وٺندي آهي، اهڙن اشته??رن تي ڏنڊ وڌو ويندو آهي ۽ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ايڊٽ ڪري درست ٿي سگهي ٿو ته ايئن به ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اط??اعات واري وزارت جي ڪنهن به اداري ۾ قاعدن جي ابتڙ ڀرتيون ٿيون آهن ته اسان ايندي ئي ايڪشن کنيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي وي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح جي ڀرتين سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، هن چيو ته اط??اعات واري وزارت جي ماتحت ٻين اد??رن ۾ جتي به اهڙي قاعدي جي خلاف ڀرتيون ٿيون آهن اسان ڪميٽي ٺاهي ان جو نوٽيس ورتو آهي، نور عالم خان جي سوال جي جواب ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه پاڪستاني فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي آئيني اد??رن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف قدم آهن، ان جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ٽي اي سائبر ونگ 2016ع، ايف آءِ اي سائبر ونگ پيڪا کي ڊيل ڪندو آهي، اط??اعات واري وزارت ۾ پيمرا ريگوليٽ ڪندي آهي، پيمرا پهرين وارننگ ڏيندي آهي پوءِ به جيڪڏهن ڄاڻايل چئنل خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيندو آهي ??ه پيمرا پنهنجي قانون تحت ڏنڊ وجهڻ يا چئنل بند ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽوئيٽر جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعي اد??رن کي نشانو بڻايو ويو، چئن سالن تائين جعلي ٽوئيٽرز اڪائونٽس، يوٽيوب ۽ بلاگرز جي ذريعي رياستي اد??رن جي خلاف مهم هلائي وئي جلد ئي ان جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين.