اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موج??د آهي، پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت مواد جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، مارننگ شوز کي به ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. قومي ا??يمبلي جي ا??لاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي ا??يمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي جي سوال جو جواب ڏيندي هن ??يو ته پيمرا جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جا مختلف سيڪشنز آهن، عام عوام کي شڪايتن جي نظام تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ ٽول فري نمبر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪا اهڙي شيءَ جيڪا رپورٽ يا مانيٽر نه ٿي هجي، ان تي ايڪشن وٺي سگهجي. هن ??يو ته پيمرا جو مانيٽرنگ سيٽ اپ انتهائي موثر آهي، پيمرا جي ريجنل هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ شڪايتن جو مڪينزم موج??د آهي ته جيئن ڪو به اهڙو ??واد اچي ته ان جو فوري خاتمو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لائيو ٽي??ي ڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ جي دير هوندي آهي، ان وقت جي اندر مواد کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري ا??ڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو. هن ??يو ته پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزين، مانيٽرنگ ۽ مڪينز جي حوالي سان جن ٽي وي چينلز کي جنهن مواد تي جيترو ڏنڊ هنيو ويو آهي، ان جي ڊيٽا ميمبرن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ??ٿي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي آهي ته اسيمبلي ميمبر آگاهه ڪن، ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسنديس. قومي ا??يمبلي ميمبر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال تي ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارننگ شيوز کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ??و اهڙو ??ارننگ شو آهي جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي ته ٻڌايو وڃي، ان کي ذاتي طور تي ڏسنديس. هن ??يو ته شام 7 وڳي کانپوءِ ٿيندڙ تاڪ شوز جي مقابلي ۾ مارننگ شوز کي ميوزيڪل ۽ ڪلچرل جي ڏس ۾ ڏٺو وڃي ٿو.