اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي ب??رين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن ج?? پيغام ڏنو. وزيرا??ظم ورجايو ??ه پاڪستان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي ب??رين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيرا??ظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحرين جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ب??رين جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزيرا??ظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.