اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جون تباهه ڪيل حالتون اسان سنڀالي رهيا آهيون، جيڪو عوامي خيال اقتدار وڃڻ کانپوءِ ياد اچي، اهو منهن تي چماٽ هوندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته حڪومت توهان ج?? معا??ي ده??تگ??دي جي اثرن جي ڀنور مان ڪڍي رهي آهي، توهان جي تڪبر، ضد، انتشار ۽ نفرت انگيز سياست جي اثرن کان ملڪ کي پاڪ ڪري رهي آهي. هن چيو ته چا?? سال ۾ ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻندڙن هر شع??ي ۾ تباهي جا داستان ڇڏيا آهن.