اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳو??ڻ فرخ حبيب چيو آهي ته چونڊن جو گهنڊ وڄي چڪو آهي، چو??ن جو ٽولو هڪ چونڊ نشان وٺي جيڪو چونڊ نشان اهي وٺندا اسان ان جو مقابلو ڪنداسين، پاڪستان جي عوام فيصلو ڪري ويٺي آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪو??ٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي عوام کي فقير بڻايو ويو، ماڻهو پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، پر پاڪستان جي عوام فقير نه آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي جي سلامتي ڪميٽي کان اهي ماڻهو ڇو ڀڳا هئا، جڏهن پارليامينٽ ?? خط کڻي وياسين ته اهي اتان کان ڇو ڀڳا هئا. مخالف ڌر پاڪستان جي جمهوري نظام جو مذاق اڏايو آهي، فرخ حبيب چيو ته آرٽيڪل 6 کا?? پهرين آرٽيڪل 5 موجود آهي، سپريم ڪو??ٽ ۾ هن وقت پاڪستان جي اهم ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي جيڪو فيصلو ايندو ان جو احترام ڪنداسين. هن چيو ته مخالف ڌر وارن کي وڏي وزير ۽ وزيراعظم بڻجڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، پاڪستان جي عوام فيصلو ڪري چڪي آهي، چو??ن جو ٽولو هڪ چونڊ نشان وٺي جيڪو به چونڊ نشان اهي وٺندا اسان ان جو مقابلو ڪنداسين، ايندڙ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان هوندو.