اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يو اين اي پي) پاران ماحولياتي نظا?? جي بحالي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي اعتراف تي 10 بلين ٽري سونامي پروگرا?? جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي ٽي?? جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم يو اين اي پي جي ڄاڻايل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته کيس پنهنجي ٽيم تي فخر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان تاريخ جي ان موڙ تي آهيون جتي اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان ان اهم ڪوشش جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اسٽاڪ هوم پلس 50 جي وي?? سائيٽ تي شايع ڪندڙ هڪ مضمون به شيئر ڪيو جنهن ۾ ماحوليات جي بهتري لاءِ پاڪستان جي تعاون جو ذڪر ڪيو ويو. ايو اين اي پي جي ايشيا ۽ پيسفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر Dechen Tsering چيو ته قدرتي ماحول جي وڏي پئماني تي بحالي جي قدمن سميت 10 بلين ٽري سونامي پرو??يڪ?? گڏيل قومن جي ڏهاڪي کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي نظا?? جي بحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان لاءِ يو اين اي پي جي جامع رپورٽ ”ملڪ جي قدرتي، انساني ۽ پيدا ڪيل سرمائي بابت پنهنجي نوعيت جي پهرئين جائزي“ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت جا قدرتي ماحول جي بحالي جهڙا قدم نمايان آهن، مضمون ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گڏيل قومن جي ماحولياتي نظا?? جي بحالي جي ڏهاڪي 2021- 2030ع ۾ تقريبن هڪ سال گذرڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي 10 بلين ٽري سونامي پرو??يڪ?? کي اڳتي وڌائي اهو ڏيکاري رهيو آهي ته ان ڏس ۾ ڇا ممڪن آهي. ان پرو??يڪ?? تحت 2019ع کان ڊسمبر 2021ع جي وچ ۾ تقريبن 10،000 هنڌن تي 1.36 ملين ايڪڙ زمين تي 1.42 ملين وڻ پوکيا وي?? آهن، پاڪستان جنهن 2021ع ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪئي خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو شڪار آهي،اهو پرا??يڪ?? شروع ٿيڻ کان پهرين ۽ خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جي تحقيق مان معلوم ٿيو ته ملڪ جو صرف پنج سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل آهي، پاڪستان جي حڪومت 2023ع تائين پنهنجي محفوظ علائقن کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي ??يڪ?? 2018ع ۾ 12 سيڪڙو هئو، 2021ع جي وچ ڌاري اهو 13.9 سيڪڙو ٿي وي??، 10 بلين ٽري سونامي نه رڳو بگڙجندڙ ماحولياتي نظا?? جي بحالي ۽ قدتي سرمائي کي بهتر بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي پر اهو مقامي آبادين جي ڪمائي جي ذريعي کي به سهارو ڏئي رهيو آهي.