اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن، وفاقي حڪوم?? تمام سٺي آءِ ٽي پاليسي متعارف ڪرائي آهي، آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جا سربراهه ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سوليوشن ان ڪارپوريشن جي اهتمام هيٺ 8 هين پاڪستان سي آءِ او سمٽ ۽ ايڪسپو 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته موجوده وفاقي حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏنو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي، آرٽيفيشل، انٽيلي جنس ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. هن چ??و ته دنيا کي 2030ع تائين 80 لک سائبر سيڪيورٽي پروفيشنلز جي ضرورت آهي. هن چ??و ته مصنوعي ذهانت هر انساني ڪوشش ۾ شامل هوندي آهي. هن چ??و ته دنيا ۾ تمام وڏي ڊيٽا دستياب آهي پر ان جو تجزيو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته ٽئين صنعتي انقلاب دنيا جون حالتون تبديل ڪري ڇڏيون ۽ چوٿين صنعتي انقلاب ڊيجيٽل اڪانومي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي شڪل ۾ وڏي تبديل?? آندي. هن چ??و ته آءِ ٽي پاليسي ڪمپنين کي انڪم ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ ٻيون ڇوٽ واريون مراعتون ڏي ٿي. صدر چ??و ته آئون پاڪستان جي مستقبل تي پڪو يقين رکان ٿو، عورتن وٽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، عورتون گهر کان ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي مدد ڪرڻ جي لاءِ پئسو ڪمائي سگهن ٿيون. هن چ??و ته حڪومت روايتي ايڪسپورٽ کانسواءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي پڻ حوصلا افزائي ڪري ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون آءِ ٽي جي انوينشنز ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر يونيورسٽين کي چ??و ته اهي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پڙهائين. هن ان موقعي تي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.