اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 ??پي??، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 ??پي??، گاسليٽ 6.29 ??پي?? ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 ??پي?? وڌائڻ جي تجويز ڏ??ي هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آه??. اوگرا پاران تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آه??.