اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خ??ن سوري چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، عراق پاڪستان جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگ??ي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ عراق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائي سگ??جي ٿو. هن جو چوڻ هو ته گڏيل واپار جو موجوده ماپو ٻنهي ملڪن جي صلاحيت جي مق??بلي ۾ گهٽ آهي، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ رابطن کي ??روغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگ??جي ٿو.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عراق پاڪستان مان چانور، جراحي اوزار، راندين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪ??ي ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگ??جي ٿو، هن چيو ته عراق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي، زائرين ۽ عراق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سان پنهنجي مسئلن تي ضابطو آندو، امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويجهو تعاون ضروري آهي، ان موقعي تي عراقي سفير حامد عباس لفته چيو ته عراق پاڪست??ن سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي ??ڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ هو ته عراق موجوده لاڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ سان وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.