اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪ??مت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن، آدمشماري لاءِ سڀئي لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي. هن اهڙن ??يالن جو اظهار متحده قومي موومينٽ جي و??د سان ڳالهائيندي جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر ف??صل سبزواري شامل هئا. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو، ملاقات ۾ آدمشماري ۽ سنڌ ۾ جاري و??اقي حڪ??مت جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. وفد وفاقي حڪ??مت جي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته حڪ??مت ۽ اتحادي پارٽيون گڏجي سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي ترقي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيُون آهن.
وزيراعظم چيو ته موجوده حڪ??مت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن، آدمشماري لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي، پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊ عمل تي مثبت اثرن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.