اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته اسان امن لاءِ ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپ امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، حڪومت کين بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ کي هڪ ا??ٽرويو ۾ چئي،
اهو تفصيلي انٽرويو اڄ ڇنڇر تي جاري ڪيو ويندو. وزير??عظ?? عمران خان چيو ته اسان امن لاءِ ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپن سان رابطي ۾ آهيون، ڪجهه گروپ امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، حڪومت انهن کي بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري سگهي ٿي. ٻئي پاي وزير??عظ?? جي سياسي معاملن واري خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل پاران جاري ٽوئيٽ موجب وزير??عظ?? جو ٽي آر ٽي ورلڊ کي خصوصي انٽرويو اڄ ڇنڇر ڏينهن صبح تقريبن 11 وڳي نشر ڪيو ويندو.