لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني انصاف جي چيف ايڊيٽر ۽ پروگرام حسب حال جي اينڪر پرسن جنيد سليم جي گهر وڃ?? سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته جنيد سليم جي والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن الله تعاليٰ کا?? دعا ڪئي ت?? مرحومه کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.